اعجاز عليم عقيلي

اعجاز عليم عقيلي

اعجاز عليم عقيلي

اعجاز عليم عقيلي: برک صحافي، اديب ۽ ٽي. وي پروڊيوسر، اعجاز عليم عقيلي 9 آگسٽ 1953ع تي ٺٽي ۾ ڄائو. 1963ع ۾ ننڍڙي ڄمار ۾ شاعري ڪيائين ۽ پنجين، ڇھين درجي دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري منتخب ٿيو. اعجاز عليم عقيلي جڏهن نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو، ان وقت ’مڪلي پبليڪيشن‘ جي نالي سان هڪ ادبي رسالو شروع ڪيائين. مئي 1972ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ مان پھريون ڀيرو سنڌي اخبار هلال پاڪستان نڪتي ته هي ان جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ ڪجهه ڏينھن کان پوءِ شاگردن جي صفحي جو انچارج ٿيو. اڳتي هلي سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر مقرر ٿيو. هڪ سال ڪم ڪرڻ کان پوءِ استعيفيٰ ڏنائين ۽ 1974ع ۾ پي ٽي وي تي پروڊيوسر ٿيو. ان کان اڳ شمس عقيليءَ جي نالي سان شاعري ڪندو هو. پي. ٽي ويءَ تي اچڻ کان پوءِ هن ڪافي پروگرام ڪيا، جن ۾ ’رتي رهاڻ‘ (جيڪو اڳتي هلي ’اوطاق‘ ۽ ’ڪچھريءَ‘ ۾ تبديل ٿيو)، ڊراما، دستاويزي فلمون، ’حالات حاضره‘، ’روشن تارا‘ (ٻارڙن جو پروگرام)، زرعي پروگرام، موسيقيءَ جا پروگرام ۽ اسٽيج شو وغيره اچي وڃن ٿا. هن جي مقبول پروگرامن ۾ وينجهار، پرک، رتي رهاڻ، تند تنوار، مھراڻ رنگ ۽ سنڌ سينگار شامل آهن. هن پي ٽي ويءَ تان گهرا گهاءَ، معذورن جو عالمي ڏينھن، ديسي سيڻ ڪجن ۽ ٻيا ڊراما ٽيلي ڪاسٽ ڪيا. عقيلي صاحب جديد موسيقي يعني ڊسڪو کي پي ٽي ويءَ تي سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو. هن ڪوئيٽا جي پي ٽي وي سينٽر تان به ڪافي ڊراما بلوچي، براهوي ۽ پشتو پروگرام ڪيا، ان کانسواءِ مشھور بلوچي سيريل ”صحبِ اسٽار“ (صبح جو تارو) هلايائين. سرڪاري طور هالئنڊ مان 1989ع ۾ ماڊرن پروگرام پراڊڪشن جي سکيا وٺي آيو. بيلجيم، جرمني، سعودي عرب، پئرس ۽ دبئي گهمي چڪو آهي.


لفظ اعجاز عليم عقيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو